ڪنڌرا ۾ قاضي برادري جو چڱو مڙس دل جي تڪليف سبب گذاري ويو

سکر (رپورٽر) ڪنڌرا شهر جي معزز  شخصيت ۽ قاضي فيملي جي معزز شخصيت مرحوم ٽي ايم او خالد محمود قاضي، استاد لطف الله قاضي جو والد ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالخالق قاضي، وڪيل عبدالرئوف قاضيء جو چاچو محترم احمد علي قاضي گذريل رات دير سان سکر  اسپتال ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو، مرحوم جو سکر کان مڙهه ايمبولينس ذريعي ڪنڌرا شهر جي قاضي محلا آندو ويو، جتي جناز نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ الين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، جناز نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ٻئي طرف مرحوم احمد علي قاضي جي وفات تي وارثن استاد لطف الله قاضي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالخالق قاضي، وڪيل عبدالرئوف قاضي، عبدالقيوم قاضي، ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

سکر جيل ۾ قيدين کي وقت تي ناشتو ڏئي رهيا آهيون:سپرينٽنڊنٽ

سکر (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ جيل سکر جي سپرينٽنڊنٽ جاويد احمد کهاوڙ جيل اندر قيدين کي ناشتو دير سان ملڻ بابت اخبار ۾ ڇپيل خبر کي مڪمل طور ڪوڙو، بي بنياد ۽ من گهڙت قرار ڏيندي چيو آهي ته قيدين کي روزانو جي بنياد تي بغير ڪنهن دير جي ناشتو فراهم ڪيو پيو وڃي. وضاحتي بيان ۾ جيل سپرينٽنڊنٽ جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ سپرينٽنڊنٽ/ڊيوٽي آفيسر وٽ قيدين کي ناشتو دير سان ملڻ جي سلسلي ۾ ڪوبه اطلاع نه آهي، جڏهن ته مون پاڻ ذاتي طور تي هر قيديءَ کان ان سلسلي ۾ معلوم به ڪيو آهي، تنهنڪري قيدين کي ناشتو دير سان ملڻ واري خبر ۾ ڪابه صداقت نه آهي.

لاڙڪاڻي ۾ دڪان مان چورايل سامان هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس شهر جي مُک ڪاروباري مرڪز پاڪستاني چوڪ واري علائقي ۾ قائم اليڪٽرڪ جي دڪان مان ٿيل چوري ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري چوري ڪيل ڊي وي آر ۽ 13 لک روپيا هٿ ڪري ورتا آهن. ان سلسلي ۾ ڪالهه ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي 6 نومبر تي شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز پاڪستاني چوڪ تي قائم الفتح اليڪٽرڪ مان ٿيل چوري واري اطلاع تي پوليس جاچ ڪري چوري ۾ ملوث شهر جي مدينه ڪالوني واسي جوابدار زوهيب پٽ معشوق علي تونيو کي گرفتار ڪري سندس وٽان چوري ڪيل ڊي وي آر ۽ 13 لک روپيا هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته دڪان ۾ 14 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪندا آهن انهن سڀني کان پڻ جاچ ڪئي وئي.

 

جڏهن ته زوهيب کان جاچ ڪئي وئي ته هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته چوري ۾ ملوث ملازم زوهيب تونيو پيشاب بهاني دڪان جي گرل واري ڪمري ۾ سمهي پيو جيڪو دڪان بند ٿيڻ کان ڊي وي آر ۽ روڪ رقم 13 لک روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.