سکر ۾ گئس جي بندش، رڌپچاءُ ۾ ڏکيائي، احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقي ۾ گئس  جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري، ماني پچائڻ وقت گئس جي فراهمي بند احتجاج، خبر موجب: سئي سدرن گئس ڪمپني پاران گرمي جو زور ٽٽندي ئي سئي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، سکر شهر جي پراڻو سکر، بکر چوڪ، رائل روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، ملٽري روڊ سميت شهر جي اڪثر علائقن ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، سکر شهر ۾ صبح، منجهند ۽ شام جي وقت ماني پچائڻ دوران گئس جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هوڏانهن نئون پنڊ جي رهواسين پاران گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مولانا عبيدالله ڀٽو، عبدالحق مهر ۽ ٻين چيو ته سئي گئس انتظاميه جي نااهلي سبب شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري سخت عذاب هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا سئي گئس انتظاميه کي شڪايتون ڪرڻ باوجود گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم نه پئي ڪئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.