چنا برادري کي پ پ ۾ آندو پيو وڃي:فيروز جمالي

ڀرياسٽي (ن ع آ)  ڀرياسٽي ويجهو ڪوٽ چنا ۾ چنا ويلفيئر ايسو سي ايشن آف پاڪستان اتحاد جي طرفان ورڪر ڪنوينشن ۽ ميلاد جي تقريب ٿي گذري ڄنھن جو چيف گيسٽ مھمان پ پ پ جو صدر فيروز خان جمالي ھو، جنهن ۾ هزارين چنا برادري جي ماڻهن سميت سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪئي ان سلسلي ۾ چنه اتحاد جي سردار نثار احمد چنه چيو اسان اڳ ب پيپلز پارٽي م ھياسين ۽ آھيون پيپلزپارٽي اسان جي برادري کي مڪمل نظر انداز ڪيو هيو ۽ھتان جي چونڊيل نمائندن پڻ منھنجي برادري سان ملڻ لا۽ ب تيار ن ھيا۔ هاڻ دوستن جي اسرار تي ٻيهر پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهيون۔ هن ٻڌايو ته هاڻ پنهنجي برادري کي هر گز نظر انداز نه ڪيو ويندو۔ پنهنجي معصوم ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان نوازيو خاص ڪري پنھنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو۔ جڏهن ته ٻئي پاسي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي ضلعي صدر فيروز خان جمالي چيو ته سردار نثار احمد اڳ به پيپلزپارٽي جو ورڪر هيو هاڻ به آهي ۔ اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي ته چنا برادري کي اوليت ڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.