لاڙڪاڻي ۾ سجاول جوڻيجي واسين جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ ميراڻي چانڊيا جي رهواسي عورتن ۽ مردن زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ رٽائرڊ استاد الهه ڏنو چانڊيو پنهنجي مائٽن سعيد احمد، غلام علي، عبدالغفار، محراب علي، غلام مرتضيٰ، نياز علي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان جي سجاول جوڻيجو جي ديهه لشڪر خان چانڊيو ۾ 14 ايڪڙ زرعي زمين آهي جيڪا زمين روينيو رڪارڊ ۾ اسان جي کاتي ۾ آهي ۽ ان جي ڍل وغيره به اسان ڀريندا آهيون. هن الزام لڳائيندي چيو ته ڄاڻايل زرعي زمين تي سال 2014ع کان ماهوٽا ٿاڻي جو ايس ايڇ او ممتاز علي راهوجو، سندس ڀاءُ پوليس جمعدار مظفر علي راهوجو، سئوٽ پوليس جمعدار رحمت الله راهوجو قبضو ڪيون ويٺا آهن جيڪي زمين جي مالڪيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان جي مٿان ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. هن چيو ته قبضو ڪندڙ بااثر پوليس اهلڪار اسان کي پريشان ڪري چاهن ٿا ته اسان کي معمولي اگهه تي زمين وڪرو ڪري ڏيون جيڪا وڏي ناانصافي آهي. . هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت انتهائي قدم کڻڻ جي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.