نصير آباد ۾نوڪري لاءِ رڍن آڏو رباب وڄائي احتجاج

نصيرآباد :(ن ع آ ) 2009 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظام هيٺ 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون حاصل ڪرڻ باوجود نوڪري نه ملڻ خلاف رڍن آڏو  رباب دھل ۽  شرنايون وڄائي زاھد ڦلپوٽو  فيض سومرو، سليمان ڪانڌڙو ، ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سڄاڻ ڌرين ۽ سماجي اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا  تعلقا پريس ڪلب آڏو ڌرڻو پڻ ھنيو ويو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن دانھيندي چيو ته اسان گذريل 11 سالن کان ڪامياب ھجڻ باوجود نوڪرين کان محروم رکيو ويو آهي، اسين پ پ جا ووٽر ۽ سپورٽر آھيون، پر پ پ جا وزير ۽ مشير به اسان جي واھر نه ٿا ڪن، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين بنا دير نوڪريون ڏئي کين فاڪا ڪشي کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.