مٺي ۾ 2 پينو فقيرياڻين تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل

مٺي(بيوروچيف)مٺي پوليس 2 پينو ڪبوترا فقيرياڻين کي سندن ٻن معصوم ٻارڙن سوڌو سفينا گهٽڪا جي 10 پئڪيٽن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوئ ڪئي آھي ۽ فقيرياڻين سپنا ڪبوترو ۽ هيرو ڪبوترو مٿان مٺي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ايس ايڇ او مٺي ملڪ مشتاق موجب ڄاڻايل فقيرياڻيون خيرات وٺڻ واري ڪپڙي جي بگهري ۾ سفينا گهٽڪا وڪرو ڪري رهيون هيون جن وٽان سفينا جا 10 پئڪيٽ هٿ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ سندن معصوم ٻارڙن کي ڪبوترين جي وارثن حوالي ڪري رهيا آھيون. هوڏانهن ٿر اندر هلندڙ وڏي پئماني تي منشيات جي ڊيلرن ۽ سندن ساٿين کي پڪڙڻ بدران ڪبوترا فقيرياڻين کي پڪڙي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل تي ٿر جي باشعور ڌرين حيرت جو اظھار ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.