اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي وارثن احتجاج ڪيو

ٺل(ن ع آ)13سال اڳ اغوا ٿيل معصوم فضيلا سرڪي جي بازيابي لاء وارثن ۽ شھرين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو,منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ھتان جي چونڊيل نمائندن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو,فضيلا سرڪي جو پي ء,خبرموجب ٺل ڀرسان پ پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙھي حسن سرڪي مان 13 سال اڳ 2007ع ۾ پنهنجي گهر ٻاهران اغوا ٿيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاء والد عبدالرزاق سرڪي,ڏاڏي حڪيمان خاتون عندالحفيظ بجاراڻي,اصغر لاشاري,رويد کوسو,اڪبر ٻرڙو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪندي چيو ته 13  سال اڳ معصوم فضيلا سرڪي کي اغوا ڪيو پر افسوس جو 13سال گذرڻ باوجود معصوم نينگري کي پوليس توڙي هتان جا چونڊيل نمائندا بازياب ڪرائڻ ۾ اسان جي ڪابه مدد نه ڪري سگهيا.  ,اسان ڪيترائي مرتبا هتان جي بار بار چونڊجندڙ ايم پي اي سهراب سرڪي وٽ قران مجيد کڻي وياسين مگر هن رڳو ڪوڙا آسرا ڏنا ليڪن نياڻي جي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪابه مدد نه ڪئي,هنن مطالبو ڪيو ته بنادير نياڻي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.