رومانيا ۾ پي اين ايس تبوڪ جي ڪميشننگ

اسلام آباد (پ ر ) رومانيا ۾ پاڪ بحريا جي جهاز پي اين ايس تبوڪ جي ڪميشننگ جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ جهاز جي عملي پاڪ نيوي جي عملي ۽ رومانيا جي عملدارن شرڪت ڪئي. هي تقريب رومانيا ۾ بحر اسود ۾ ڪنسٽانٽا جي بندرگاهه ٿي. پاڪستان جي وزارت دفاع پاران رومانيا جي ڊامين شپ يارڊ سان معاهدو ڪيو ويو، جنهن تحت هن ٻي جهاز جي ڪميشننگ ٿي گذري، ان کان اڳ پي اين ايس يرموڪ جي ڪميشننگ ٿي هئي. هي جهاز وزن جي حوالي سان گهڻ مقصدي جهاز آهي، جيڪو اسٽيٽ آف دي آرٽ اليڪٽرانڪ وار فيئر، سمنڊ کان زمين تائين مار ڪندر هٿيار ۽ جديد ڊفينس سسٽم سان ليس آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.