ٺل ۾ مزدورن جو اجرت وڌائڻ خلاف احتجاج

ٺل (ن ع آ)سخت مهنگائي سبب بٺا  مزدورن جو اجورو نه وڌائڻ,خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو اجورو وڌائڻ جو مطالبو,سخت پريشان, آھيو گهٽ اجورو ملڻ سبب اسان جو خاندان فاڪاڪشي جو شڪار آھي,پورهيتن جو مطالبو  خبر موجب سخت  مهنگائي ۽ گهٽ اجورو ملڻ سبب بٺا مزدورن جي چيلھ چٻي آھي ,ٺل جي سوين بٺن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن پريس ڪلب اڳيان وڪيل احمد ڪنراڻي ,عبدالفتاح اعجاز ڪنراڻي ,رفيق سرڪي ,سهڻو بروهي,برڪت سرڪيمنظور ڪنراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.  ,انهي موقعي تي بٺا مزدورن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته ڪيترن  سالن کان وٺي اسان مسڪين مزدورن جي مزدوري ڇهه سو روپيه  آھي,جيڪا موجوده دور جي سخت  مهنگائي واري وقت ۾ تمام گهٽ آھي , اسان غريب موجوده دور ۾ فاڪاڪشي جو شڪار آھيون,اسان جا ٻارڙا زندگي جي بنيادي سهولتن تعليم ۽ صحت جي  کان محروم آھن سخت مهنگائي واري دور ۾ اسان سخت پريشانين ۾ مبتلا آھيون,حڪمرانن تبديلي جي سکڻن دلاسن عيوض مهنگائي کي چوٽ چاڙھي ڇڏيو آھي اسان گهر ٿا ڪريون ته مزدور جي ماهوار اجرت سون جي تولي برابر ڪئي وڃي ته جيئن زندگي جون بنيادي ضروتون پوريون ڪري سگهون, اسان جي روز  مزدوري  600 روپيه آھي جنهن کي وڌائي گهٽ ۾ گهٽ يارنهن سو روزاني ڪري ماهوار سون جي تولي برابر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.