سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي آسي زميني جي صدارت هيٺ گڏجاڻي، ڪهاڻي جا اسم تنقيد لاءِ پيش

حيدرآباد (پ ر)سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي نامور شاعر آسي زميني جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ تاج جويي طرحي غزل، مولا بخش محبتي غزل ،عنايت لغاري غزل،پارس حميد نثري نظم، پروفيسر ڀائي خان سولنگي ڪهاڻي،سڪندر سولنگي وائي، سليم چنا مختصر ڪهاڻي،نور حسين ڪلهوڙي غزل،مڪيش بارٿاڻيء ڪهاڻي جا اسم تنقيد لاءِ پيش ڪيا. پڙهندڙن کان سواءِ نامياري اديب ۽ صحافي نياز پنهور گلشير ڪوريجي، ۽ ٻين  تنقيد ۾ حصو ورتو،.پارس حميد جو نظم جهٽڪو ڏئي جاڳائي ٿو. تخليق اها آهي، جيڪا ماڻهوءَ کان ڇرڪ ڪڍائي. پارس حميد نثري نظم جو اهم شاعر آهي، سندس نظم وجود کي لوڏي وجهي ٿو. نثري نظم (سنگسار), ۾ اڪيلو وجود نه آهي، پر ان سان تعلقات جي پوري دنيا موجود آهي. ڇوڪريءَ جي سنگسار ٿيڻ جي استعاري ۾ هڪ درد سمايل آهي. ، اها راءِ سنڌي ادبي سنگت  حيدرآباد جي ڀرپور گڏجاڻي ۾ نياز پنهور ڏني ، جڏهن ته آسي زميني سڪندر سولنگي جي وائي تي ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ ٻولي وائي جي آهي ليڪن سٽاءَ غزل وارو آهي. سليم چنا جي مختصر ڪهاڻيءَ تي اجتمائي راءِ ڏني وئي ته ان ۾ موضوع مواد ۽ ڪلائمڪس سماجي ناسور جي مڪمل نشاندھي ڪري ٿي.

ميهڙ ۾ بدامني، گهر مان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم چوري

ميهڙ (ت ر)ميهڙ جي حسنين ٽائون ۾ نامعلوم چور شفيق چانڊيو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر مان 2 سي ڊي موٽر سائيڪل روڪ رقم ويھ ھزار ۽ 2 موبائيل فونون چوري ڪري ويا واقعي بعد پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان شڪ ۾ هڪ جوابدار نادر چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد چانڊيا برادري جي معزز شخصيت تمندار صداحسين چانڊيو ٿاڻي ته پهچي فريادري ڌر شفيق چانڊيو سان ڳالهيون ڪري کيس انصاف جي خاطري ڪرائي جنهن ته فريادي ڌر جي رضامندي پوليس شڪ ۾گرفتار نادر چانڊيو کي صداحسين جي شخصي ضمانت ته آزاد ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ مينارٽي سيل قائم ٿي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر شعيب سڊل ڪميشن SMC No.1 of 2014 جي هدايت تحت لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر آفيس ۾ اقليتي برادريءَ جي حقن جي تحفظ لاءِ مينارٽي سيل قائم ڪيو ويو آهي. سيل شعيب سڊل ڪميشن جي هدايتن تحت لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ اقليتي برادري جي ملڪيتن تي غير قانوني قبضن، مندرن ۽ گرجا گهرن ۽ ٻين مذهبي عبادگاهن جي حفاظتي انتظامن، اقليتن لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو. مينارٽي سيل اقليتي برادريءَ جي هر مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون وٺندو. سيل جو سربراهه ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي سپرنٽينڊنٽ نرمل داس کي مقرر ڪيو ويو آهي.  ان ڏس ۾ اقليتن بابت ڪنهن به مسئلي يا معلومات لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو.

سکر ۾ پوليو مهم 30 نومبر کان شروع ٿيندي، تياريون مڪمل

سکر(رپورٽر) سکر ضلعي ۾ 30 نومبر کان پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئارڻ جي مهم شروع ٿيندي، جيڪا 6 ڊسمبر 2020 تائين جاري رهندي، هن مهم ۾ 3 لک 34 هزار 908 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئاريا ويندا. پوليو مهم جي انتظامن ۽ گذريل پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي واري ضلعي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سکر جي طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي نبيل احمد ساند ڪئي. اجلاس ۾ ڊي ايڇ او سکر، ميونسپل، سوشل ويلفيئر، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن توڙي ڊي پي سي آر ميمبرن شرڪت ڪئي.  اسسٽنٽ ڪمشنر نبيل احمد هدايت ڪئي ته گذريل مهم جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ايندڙ مهم ۾ انتظام وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن ته جيئن نتيجا سٺا اچي سگهن. هن يو سي ايم اوز ۽ فوڪل پرسن کي پنهنجي ذميواري بهتر نموني نڀائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه سکر فيصلو ڪيو آهي ته سمورين پوليو ٽيمن جي تربيت ضروري آهي تنهنڪري جيڪو به ٽيم ميمبر ٽريننگ ۾ حصو نه وٺندو اُهو فيلڊ ۾ نه ويندو. هن هدايت ڪئي ته پوليو مهم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

دريا خان مري ۾ صابري فورس پاران جشن ميلاد جو جلسو

دريا خان مري (ن ع آ ) مدينه مسجد دريا خان مري م جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي م صابري فورس پاران عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويو جلسي م نواب شاھ جي مشھور نعت خوانن محمد شاھنواز حسيني رائو ارسلان سلطاني حافظ محمد عرفان سلطاني حافظ محمد عرفان سلطاني ارشاد مغل حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي شان م حمد ۽ نعت خواني ڪئي جڏھن ته مولانا دلدار احمد ڏاھري مولانا حافظ راشد حسين قاسمي خطاب ڪندي چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت ڀلاري مھيني ماه ربيع الاول م ٿي آقا جي آمد جون ھر مسلمان خوشيون ملھائي ٿو اسلام امن ۽ سلامتي وارو دين آھي جيڪو اسان کي صبر سھپ ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو.  ھر مسلمان تي پنج وقت نماز فرض آھي نماز ھر مسلمان کي پابندي سان ادا ڪرڻ گھرجي ۽ نماز ڪاميابي جي ڪنجي آھي.

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم گرين اسٽار پاران جاڳرتا واڪ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري مهم هلائيندڙ سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽار طرفان ساهه جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ وڻ لڳايو، بيماريون ڀڄايو واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي لاڙڪاڻه گرين اسٽار جي اڳواڻن ذوالفقار مگسي، فدا حسين کوکر، غلام مصطفيٰ ڏهر، علي احمد دايو، حسن علي مغيري، منور وگهيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ساهه جي بيمارين توڙي ٽي بي سميت مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ وڻ پوکڻ تمام ضروري آهن، وڻن سان ئي انسانن، پکين ۽ جانورن کي بقا آهي، مختلف بيمارين کان بچاءُ، صاف سٿرو ماحول ۽ بهتر آبهو لاءِ وڻڪاري جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هنن چيو ته عوام ۾ بيمارين کان بچاءُ جي آگاهي سان گڏ وڻڪاري جي فائدن ۽ اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ لا3 اثرائتا اپاءُ کڻڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.