ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ تي قبضو، گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش، احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول بلاڪ ون جي پهرين متاثر ٿيندڙ ڳوٺ وروائي کي ڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپني تار هڻي مڪمل طور پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪمپني انتظاميه طرفان ڪيل معاهدن تي عمل نه ڪرڻ توڙي معاوضن واري مڪمل ادائيگي نه ڪرڻ جي باوجود ڳوٺاڻن کي زبردستي لڏائڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻيل آهن،گهر خالي ڪرڻ توڙي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،گذريل ڏينهن ڳوٺاڻن نور محمد راهمون،حاجي ثناءُ الله راهمون،شير محمد راهمون،عرفان گل،احمد امين لنجو جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن مين روڊ تي اچي ڪمپني جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم شروع ٿيڻ وقت ڪمپني جي سي او سان جيڪو معاهدو ٿيو هو ان تي هن وقت ڪوبه عمل نه ٿي رهيو آهي اسان ملڪ ترقي خاطر پورو ڳوٺ قربان ڪري ڇڏيو آهي پر ڪمپني وارا بدلي ۾ اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن ڳوٺاڻن جو جينئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي مڪمل معاوضو ڏيڻ کان اڳ اسان جي سموري ڳوٺ کي تار ڏيئي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن جا زبردستي گهر ۽ دڪان ڊاهيا پيا وڃن .   سمورا رستا لنگھ بند ڪري اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي اسان پرامن شهري آهيون پر ڪمپني ڳوٺاڻن سان ظلم ۽ تنگ ڪري هروڀرو اسان کي روڊن تي اچڻ لاء مجبور ڪري پئي ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهو کي نٿو پڇيو وڃي ڪمپني وارا پنهنجي مرضي سان جينئن وڻي تينئن ڪم ڪري ڳوٺاڻن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي اسان سنڌ حڪومت،ڊي سي ٿر کان مطالبو ٿا ڪريون ته ترت نوٽيس وٺي اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

ڳوٺ وروائي مڪمل طور تي بلاڪ ون جي وڪڙ ۾ اچي ويو

مٺي:ڳوٺ وروائي مڪمل طور تي بلاڪ ون جي وڪڙ ۾ اچي ويو، چئوطرف تار لڳڻ سبب ڳوٺاڻا قيدي وانگر قيد بڻجي ويا آهن،سندن اچ وڃ وارو پراڻو روڊ پڻ ڪمپني بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمپني مستقل بنيادن تي سمورا مسئلا حل ڪرڻ توڙي باقي سهولتن بابت پلان نه جوڙيو

مٺي:بلاڪ ون جي کوٽائي سبب شروعاتي مرحلي ۾ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ وروائي جي رهواسين کي ڪمپني اهميت نه ڏني،مستقبل بنيادن تي سمورا مسئلا حل ڪرڻ توڙي باقي سهوليتن بابت به ڪو واضع پلان نه جوڙيو ويو،ڪمپني رڳو في گهر کي ساڍا ٻائيتاليھ لک روپيا ڏيڻ بعد لڏي وڃڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، پر ڳوٺاڻن رهائيش جي بابت متبادل ڪا به جگهھ هٿ ناهي ڪئي، جنهن سبب سندن ڪنڌ تي لڏپلاڻ جي تلوار لٽڪيل آهي،

ڳوٺاڻن طرفان ڪمپني ۽ ڊي سي کي اڱاري تائين سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي مهلت

مٺي:رهواسين پاران ڪمپني ۽ ڊي سي کي اڱاري تائين سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي مهلت ڏيئي ڇڏي،اڱاري تائين سمورا جائز مطالبا تسليم نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن پاران روڊ بلاڪ ڪري ڪمپني جي گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.