شهدادڪوٽ ۾ٻن معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ ۾ ٻن معصوم ٻارڙن 7 ورھين جي شڪيل بروھي ۽ 9 ورھين جي الله ورايو بروھي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء وارثن رياض بروھي ۽ لطف بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جنهن ۾ شھر جي مختلف سياسي,ساماجي اڳواڻن حبدار ميرجت,ڪامريڊ شبير مگسي, عرفان سيلرو,ساجد بروھي آصف لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪري ھن دل جھوريندڙ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي معصوم جي قاتلن  کي بنادير جي گرفتار ڪراڻ جو مطالبو ڪيو,ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي مقتول جي وارثن چيو ته ھڪ مھينو اڳ ميروخان ويجهو ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين موٽر سائيڪل نه روڪڻ تان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جا 2 معصوم ٻارڙا شڪيل ۽ الله ورايو تڏي تي شھيد ٿي ويا, ھنن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ھاڻي ڪيس تان ھٿ کڻڻ ۽ معاملي کي راڄوڻي ذريعي نبيرڻ لاء موت مار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آهن.  ھنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.