مٺي ۾ آر او پلانٽس ملازمن طرفان رهيل پگهارن لاءِ بک هڙتال

مٺي(بيوروچيف)مٺي ۾ آر او پلانٽس ملازمن پاران 10 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف  بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي جيڪا هنڌن جي تهوار ڏياري واري ڏينهن پڻ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي آر او پلانٽس ملازمن عرفان بجير. ڪوير ميگهواڙ. موهن لال ۽ ٻين چيو ته 10 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري ٻچا لگهڻ ويٺل آھن ۽ خودڪشين تي مجبور آھيون. هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري ڏياري به ملهائي نتا سگهون. انڪري ڏياري وارو ڏينهن پڻ احتجاجي ڪئمپ تي گذارينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.