مال آف لاهور پاران اورگينڪ فيسٽول شروع

لاهور (پ ر ) لاهور ۾ مال آف لاهور پاڪستان پاران اورگينڪ فيسٽول شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عام واهپي جي شين کي رکيو ويو آهي.  هي خريداري جو ميلو 2 ڏينهن هلندي، جيڪي ڇنڇر ۽ آچر آهن. ان موقعي تي ميلي ۾ تمام گهڻا اسٽال لڳايا ويا آهن، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون وڏي تعداد ۾ رکيون ويون آهن. انهن اسٽالن تي کير، پنير، مکڻ، ڪاسميٽڪس، خشڪ ميوا، قدرتي تيل ۽ ٻيو سامان رکيو ويو آهي. ان سان گڏ ميلي ۾ ڪورونا جي وبائي صورتحال جي پيش نظر احتياطي تدبيرن جو خاص خيال رکيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.