جوهي ۾ آر او پلانٽ کي ٻن سالن کان تالا لڳل

جوهي (ن ع آ)جوهي شھر ۾ واحد آر او پلانٽ کي انتظاميا ٻن سالن کان مڪمل بند ڪري آر او تالا لڳائي ڇڏيا آهن،  80 هزار کان مٿي آبادي رکندڙ جوهي شھر مٺي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي. ان ڏس ۾ شھرين سڪندر سومرو، ڪامريڊ حاجن بروهي، ڪامريڊ جمن سنڌي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته جوهي شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناياب ٿي ويو آھي جوهي کان ڪلوميٽر جي فاصلي تي  لڳل خيراتي نلڪن تي سڄو ڏينهن رش رهي ٿي جتي پاڻي هاڻ آھسته آھسته کارو ٻاڙو ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته جوهي شھر  ۾ واحد آر او پلانٽ ميونسپل ڪاميٽي جي پٺ ۾ لڳل آھي جيڪو شروعاتي دور ۾ بغير اسٽيميٽ جي پاڻي شروع ڪيو جنهن سان شھر اندر ڪيميڪل واري واپرائڻ جي ڪري هزارين رهواسي مرد عورتون ٻڍا ٻار  ڦڦڙ , بلڊ پريشر دل جي تڪليف ۾ مبتلا سميت پيٽ چمڙي جهڙي خطر ناڪ مهلڪ بيمارين ۾ جڪڙجي ويل آھن. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوهي ۾  هٿرادو بند ڪيل پبلڪ هيلٿ کاتي پاران آر او پلانٽ شروع ڪرائي ڪرپشن ڪندڙن پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ڪري شھرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.