ميرپورخاص ۾ڏوهاري سرگرم، چوريون ۽ ڦرون وڌي ويون

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) ميرپورخاص جي علائقي عمير ٽائون جي رهواسي سيد رضوان شاه جي گھر اڳيان بيٺل سند ڪلٽس ڪار نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ميرپورخاص جي علائقي نيوٽائون مان نامعلوم  چور فريد احمد جي موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، موٽرسائيڪل ۽ ڪار جي چوري ٿيڻ جي بروقت اطلاع تي حد جي ٽائون پوليس واقعن واري هند پهچي تفصيل ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ بعد چورن جي گرفتار لاءِ ناڪابندي ڪري چورن جي تلاش ڪئي پر پوليس پنهنجي قديمي روايت کي برقرار رکندي چورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.