ڊگهڙي ۾ ڪانفرنس، گستاخ خاڪن جي سخت مذمت

ڊگھڙي(ن ع آ )فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت جي خلاف سني علماء ايڪشن ڪميٽي ڊگهڙي طرفان محمدي چوڪ ڊگهڙي تي مطالباتي تحفظ ناموس رسالت صلي الله عليه وسلم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جيڪا جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي جنهنکي رضوان الحق جالنڌري،اقبال قادري،قاري عبدالطيف بلوچ،عبدالطيف بٽر،قاري سيف الله قلندري،حافظ منصور اسلامي،مولانا فيصل شڪور،مشهور نعت خوان بلال قادري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ناموس رسالت جي تحفظ لاء سمورا مسلمان متحد آهن چاهي انهن جو تعلق ڪهڙي به فرقي سان هجي هنن چيو ته فرانس جي صدر جو بيان لکليل دهشتگردي آهي جنهن سان دهشتگردن کي وڌيڪ هٿي ملندي عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ان سان گڏ دنيا جي مسلمان ملڪن کي گهرجي ته فوري طور تي فرانس سان تعلقات ختم ڪيا وڃن ته جيئن اسلام دشمنن کي خبر پئجي سگهي ته ناموس رسالت خاطر دنيا جا مسلمان متحد آهن،ان موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي پاڪستان پنهجا سفارتي تعلقات فرانس کان ختم ڪري فرانس جون پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندڙ سمورين شين تي پابندي لڳائي وڃي جلسي ۾ شريڪ ماڻهون فرانس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا فرانس جي صدر جي تصويرن کي روڊ تي رکي مٿس پير ڏئي لتاڙي وئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.