غلام شاهه موري لڳ روڊ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مظاهرو

غلام شاهه موري ( ن ع آ ) غلام شاھ موري کان ڏيئي، تلھار، راڄو خاناڻي، ٽنڊوباگو، ٻڊوقمبراڻي سميت سوين ڳوٺن ۽ شھرن کي ملائيندڙ مين  روڊ نه ٺھڻ خلاف کڏھرو  ۾ روڊ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ واپارين پنهنجا ڪاروبار بند ڪري  مظاھري ۾ شرڪت ڪئي مظارين ڏيئي ٽنڊوباگو روڊ تي ڌرڻو ھنيو جتي روڊ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ھريش ڪمار، غلزار ملاح، فياض چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  گذريل ڪيترن ئي سالن کان روڊ رپيئر نه ٿي سگهيا روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي تباھ ٿي ويا، روڊن تي سفر ڪندڙ  استاد، شاگرد، ڊاڪٽر،  ۽ مختلف  ڳوٺن ۽ شھرن جا هزارين رهواسي گذريل ڪيترين ئي سالن کان سخت تڪليفن  جو شڪار آهنکي منهن ڏيڻ لڳا،  روڊن جي حالت خراب هئڻ ڪري اڪثر ڳوٺاڻن جون گاڏيون خراب ٿيڻ ۽ ٽائر برسٽ پنچر ٿيڻ روز جو معمول بڻيل  آهن، پ پ چيئرمين، وڏو وزير، ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي تڪليفن کان بچائين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.