نئون دمبالو ۾ پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

نئون دمبالو ( ن ع آ )  نئون دمبالو ٻڍوقمبراڻي ۾  پوليس جي زيادتين خلاف شھرين پاران احتجاج مظاهرو ريلي شھرين محمد موسا خاصخيلي خلاف منشيات آيف آءِ آر ڪرڻ خلاف شھر ۾ پاڻمرادو ھڙتال ڪئي وئي شھرين غلام رسول خاصخيلي،راشد خاصخيلي محبوب خاصخيلي،سرور ڪلوئي ،حڪيم جروار، دوست علي مزاري،حسين بخش مزاري،ايوب مزاري،روشن مزاري،ناشاد ڪلوئي،۽ ٻين سورھيه بادشاھ چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته ٻڍوقمبراڻي پوليس جي انچارج ذوالفقار شر شھري محمد موسا خاصخيلي کي ٿاڻي تي گھرائي حراسان ڪري رشوت طلب ڪئي جنھن جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، ٻئي طرف ٻڍوقمبراڻي پوليس پوسٽ پوسٽ انچارج اي ايس آءِ ذوالفقار شر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته محمد موسيٰ خاصخيلي تي منشيات جو ڪيس سول ڪورٽ ماتلي ۾ هلندڙ آهي جيڪو ٻن سنوائين تي غير حاضر رهيو جنهن لاءِ ڪورٽ جو نوٽيس هو مون جوابدار ڌر کي ڪورٽ تي حاضر رهڻ جو پابند ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.