راڌڻ ۾ رٽائرڊ ملازم جو ٽائون آفيسر خلاف احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ ) ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي رٽائرڊ ملازم تاج محمد بروهي  احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ٽائون آفيسر ۽ اڳوڻي ٽائون چيئرمين غلام دستگير ڳورڙ  ميھڙ جي بئنڪ مئنيجر سان ملي ڀڳت ڪري منهنجي اڪائونٽ ۾ پيل 91500 روپيه منهنجي صحيح کان بغير ڪڍرايا  آھن، جڏهن ته مان تمام غربت واري زندگي گذاري رهيو آهيان منهنجي مدد ڪرڻ بجا۽ مون مسڪين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، هن وڏي وزير،  ڊي سي دادو ۽ تمام وس وارن آفيسر ۽  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي جائز مسئلي جو نوٽيس وٺي مون غريب سان انصاف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.