جهڏي ۾ڳوٺاڻن جو پوليس جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج

جهڏو( ن ع آ ) لڳ تعلقي ٽنڊو باگو جي يوسي سانگي ڦرهو جي ڳوٺ الهڏنو جمالي جي رهواسين جو ڏيئي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي  مظاهرو ڳوٺاڻن غلام عباس جمالي محمد هاشم جمالي   عبدالمجيد جمالي مجيب الرحمان جمالي ۽ ٻين  عورتن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته 1980 ۾ چاليھ ايڪڙ ڇھ گهنٽا تڪراري زرعي زمين جي اٽارني جنرل مرحوم عبدالمجيد مرزا کان اسان جي وڏڙن  الهڏنو جمالي فيض محمد جمالي سانوڻ جمالي ۽ ٻين پئسن عيوض خريد ڪئي هئي جنهن تي اسان ستن پيهڙين پنهنجا گهر ٺاهي ويٺل آھيو جتان اسان کي بدين ضلعي جي ڏيئي پوليس با اثرن جي چرچ تي ڳري رشوت عيوض اسان جا گهر ڊاهي مسمار ڪري ڇڏيا آھن ۽ اسان کي اتان زبردستي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڄاڻايل زمين جو ايگريمينٽ ٿيل آھي پر خريد ڪيل زمين جو کاتو ڪري نه پيو ڏنو وڃي جنهن لائي اسان ڪورٽ سڳوري ۾ اپيل داخل ڪئي آھي جنهن جو فيصلو اچڻ کان اڳ مقامي پوليس اسان جو گهيرائو ڪري بيٺل آهي،  هنن چيو ته گهر ڊهڻ کانپوءِ سخت سيءَ ۾ معصوم ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.