ايس ٽي پي سربراهه جو سنڌ پبلڪ لائبريري ڀٽائي آباد جو دورو

گلشن اقبال (ن ع آ) ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ پبلڪ لائبريري ڀٽائي آباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي لائبريري جي باني جاويد مهر ڊاڪٽر قادر مگسي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ لائبريري ڇھن سالن کان پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ڪم ڪري رهي آھي، جنهن ۾ 10 هزار ڪتاب موجود آھن. ڊاڪٽر قادر مگسي لائبريري جي واکاڻ ڪندي چيو ته ايس پي ايل باقاعده اداري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي، جنهن کي هو سنڌ جو اهم مورچو سمجهن ٿا. دوري دوان سگا ڀٽائي آباد شاخ جي صدر انور مهراڻوي ۽ گسٽا مهيسر ضلعي ملير جي اڳواڻن نذير احمد سولنگي ۽ حنيف ساگر  ڊاڪٽر قادرمگسي سان ملاقات ڪئي. ايس ٽي پي سربراهه ساڻن ڳالهائندي چيو ته سگا ۽ استاد برادري سنڌ جي حوالي سان سدائين پاڻ ملهايو آھي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻيٽن جي وڪري خلاف ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.