شاهپورچاڪر ۾ عمراڻي برادري جو پوليس خلاف ڌرڻو

شاھپورچاڪر (ن ع آ)عمراڻي برادي جي سوين ماڻھن جو شاھپور چاڪر پوليس جي خلاف پوليس جي گيٽ تي احتجاجي مظاھرو ڌرڻو چار ڏينھن اڳم ڳوٺ سائينداد عمراڻي ۾ عمراڻي برادي جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ٿيل جھيڙو ۾ ھڪ ڌر جي ٽن ماڻھن کي  ڪھاڙيون لٺيون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا ھئا عمراڻي برادري جي سوين ماڻھن جو ٿاڻو شاهه پور چاڪر جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻو ھڻي ويٺلن جو چوڻ آھي ته ايس ايڇ او شاھپور چاڪر پوليس اسان کان فرياد به نٿو وٺي نڪو جوابدار کي گرفتار ٿو ڪري جنھن ڪري اسان احتجاج ڪري ٿاڻو آڏو گيٽ تي ڌرڻو ھنيو آھي جيسين تائين اسان جا جوابدار ارباب عمراڻي عرفان عمراڻي ، نياز عمراڻي حنيف عمراڻي ، فداحسين عمراڻي تي ڪيس داخل ڪري گرفتار نہ ڪيو ويندو اسان جو احتجاج جاري رھندو عمراڻي برادري جي چڳي مڙس طالب عمراڻي حاجي خان عمراڻي الاھي بخش عمراڻي جي اڳواڻن شاھپورچاڪر پوليس جي ايس ايڇ او خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته پوليس جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آھي ھنن جو چوڻ آھي ته ٽريفڪ سانگھڙ جو سارجنٽ انسپيڪٽر جي چوڻ تي شاھپورچاڪر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. ڊي آءِ جي پوليس شھيد بينظيرآباد وٽ دانهين وياسين مگر اسان سان انصاف نه ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.