گستاخ خاڪن خلاف حيدرآباد ۾ مذهبي جماعتن طرفان احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ فرانس حڪومت پاران گستاخانا خاڪا شايع ڪرڻ خلاف مختلف مذهبي جماعتن پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جامع مسجد مجاهد جي او آر ڪالوني پاران مولانا علي احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذات مبارڪ تمام مسلمانن کي پنهنجي جان، مال ۽ آل اولاد کان وڌيڪ پياري آهي. هن چيو ته تازو فرانس جي حڪومت پاران گستاخانا خاڪا شايع ڪرڻ ڪافرن جي پراڻي سازشن جو هڪ منصوبو آهي ۽ هن دفعي به فرانس سميت سازشي ڌرين کي ذلت کي منهن ڏيڻو پوندو.17

مٽياري ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين طرفان ٽائون ڪميٽي جي ميمبرن سان مسئلن تي گڏجاڻي

مٽياري (ت ر)اڳوڻو ضلعي چيئرمين مٽياري مخدوم فخرزمان طرفان ٽائون ڪميٽي مٽياري جي 10 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن جي ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي سان شهر جي مسئلن تي ميٽينگ ٿي. ميٽنگ ۾ مٽياري شهر ۾ صفائي اسٽريٽ لائيٽ جا ڪم بهترين ٿيڻ سميت ڪميٽي طرفان ايڊمنسٽريٽر عبدالمجيد زهراڻي ۽ عملي کي ساراهيو. ان موقعي تي ايڊ منسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي. ڏھ رڪني ڪميٽي جي اڳواڻ پيرسيد سوڌل شاھ هاشمي سميت ميمبرن محفوظ علي جماڻي ڊاڪٽر ذاهد حسين ميمڻ. امجدعلي ميمڻ. حاجي قمرميمڻ. وزير ميمڻ. منيراحمد خاصخيلي ۽ منورعلي دايو سميت سينيٽيشن آفيسر عابد انصاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. قاضي خيرالبشر شرڪت ڪئي.

پپيلز ليبر بيورو ضلعي ٽنڊي محمدخان جو اهم اجلاس، ملتان ۾ رٿيل پارٽي سالگرهه جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ جو وچن

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)پپيلز ليبر بيورو ضلع ٽنڊومحمدخان جو هڪ اهم اجلاس ضلع صدر عبدالحڪيم دستي جي صدرات ۾ ٿي گذريو اجلاس ۽ ملتان ۾ رٿيل پارٽي سالگره واري جلسي کي ڀرپور نموني سان ڪامياب ڪرائڻ لاءُ ضلع ٽنڊومحمدخان مان 30 نومبر تي هزارين جي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪندا اجلاس کي خطاب ڪندي عبدالحڪيم دستي غلام رسول جلالاڻي عبدالقيوم ڀٽي ۽ ٻين چيو ٽنڊومحمدخان مان پيپلز ليبر بيورو پاران ضلع صدر پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري جي هدايت تي مڪمل عمل ڪندي پيپلر پاران ضلعن جي تعلقن جي سڀني يوسين ۾ گڏجاڻيو ڪوٺائيڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن تي ضلعي ٽنڊي محمدخان مان ملتان ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءٌ ٽنڊومحمدخان مان پيپلز ليبر جا ڪارڪنن ورڪر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.