ٽنڊي حيدر ۾ سوزوڪي ذريعي سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو

ٽنڊو حيدر (ت ر)تعلقي ٻھراڙي جي شھر ٽنڊو حيدر ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو پاران ٽنڊي حيدر جي عوام لاء سستي اٽي جي فرهامي لاء سوزوڪي ذريعي اسٽال لڳايو ويو جنهن ۾ لڳ ڀڳ ڏھ ڪلو وارا 60 ڪٽا  ڏنا ويا جنهن ۾ 10 ڪلو وارو ڪٽو  418.30 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو جڏنهن ته وڏي آبادي واري شھر ۾  هڪ سوزوڪي پوري نه پئجي سگهي سستي اٽي جي اسٽال جي خبر پوندي ئي هزارن جي تعداد ۾ رهواسي سستو اٽو خريد ڪرڻ لاء پهچي ويا ۽ مسلسل انتظار ڪندي ڪيترائي شھري  مايوسي ۽ تذليل جو شڪار بڻجي ويا  ان موقعي تي شھرين چيو ته ڊي سي حيدرآباد پاران عوام لاء بهترين قدم آھي پر سموري شهر جي آبادي مطابق وڏي مقدار ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا وڃن جئي عوام تذليل کان بچي سگهي جيئن ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ اٽي جو ريٽ آسمان سا ڳالهيون پيو ڪري ٻي طرف هٿ ٺوڪي مهانگائي ڪندڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.