شاهپور چاڪر ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ريلي

شاه پور چاڪر(رپورٽر) حيسڪو شاھپور چاڪر جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ جي خلاف شھري اتحاد جي اڳواڻ سميع الله ڏاھري، فيضان راجپوت ۽ امتياز ڏاھري جي اڳواڻي ۾ شھرين جو احتجاجي مظاهرو ريلي ڪڍي پريس ڪلب شاه پور آڏو ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاج ڪندي چيو ته حيسڪو شاھپور چاڪر شھرين لاءِ آزار بڻيل شھر ۾ 18ڪلاڪن تائين بند رھڻ ۽ لاڳيتو پنج پنج ڪلاڪ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري بجلي بند ڪئي وڃي ٿي جنھن ڪري گھرن مان پيئڻ جو پاڻي ۽ مسجدن مان وضوءَ لاءِ پاڻي به ميسر ناھي جڏھن ته شھر جي پھرين وارڊ کي شھر کان ڪٽي ٻھراڙيءَ سان ڳنڍي وارڊ ھڪ ۾ وڌيڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي،نن حيسڪو جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته شھرين جي حيسڪو شاھپور چاڪر جي ڪرپٽ اھلڪارن مان جان ڇڏائي وڃي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو آھي ته جيڪڏھن اسان جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڳرن بلن مان جان ڇڏائي وئي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.