کپري ۾ ڀيل برادري جو لڏائڻ خلاف احتجاج

کپرو (ن ع آ) کپرو ويجهو هٿونگو ڍليار روڊ تي 50 سالن کان ويٺل ڀيل برادري جي پورهيتن کي بااٽر سردار قائم خاني پاران سرڪاري واري جي  دڙي جو جعلي کاتو  ٺھرائي پوليس ذريعي لڏائڻ خلاف پورهيتن مانو , ڏانو , سوڍو ڀيل , سومار ڀيل ۽ ٻين هٿن ۾ پلي  ڪارڊ کڻي کپرو شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي پورهيتن چيو ته اسان 50 سالن کان هٿونگو ڀرسان واري جي سرڪاري  دڙي تي ويٺل آھيون بااثر اسان کي ڏھاري جو تهوار واري ڏينهن تي اسان کي پوليس ذريعي لڏائي پريشان ڪري رهيو آھي اسان سياري جي موسم ۾ سخت سيءَ ۾ پنهنجا معصوم ٻار وٺي ڪٿي پنهنجا اجها اڏون اسان غريبن کي بااثر لڏائي پريشان ڪري رهيو آھي چونڊيل نمائندن سميت ڪوبه اسان جي واهر نٿو ڪري اسان سرڪاري دڙي تي ويٺا آھيون. هنن چونڊيل نمائندن سميت روينيو جي صوبائي وزير مخدوم  حبيب الزمان ,  ۽ ٻين اعلي ا اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته هٿونگو جي بااثر زميندار سردار قائم خاني جو سرڪاري زمين جو جعلي کاتو ٺھرايل رد ڪري اسان کي ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جئين پنهنجي زندگي سڪون سان گذاريون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.