سڪرنڊ ۾ سنڌ هاري پورهيت ڪاميٽي پاران احتجاج

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سنڌ هاري پورهيت ڪاميٽي سڪرنڊ پاران نقلي ڀاڻ ۽ ٻج جي وڪري خلاف فيض ڪيريو ، خالد سولنگي مورڙيو ميربحر ، جاويد جان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نقلي ڀاڻ ۽ دوائن جو وڪرو سرعام هلي رهيو آهي. ماڪڙ ۽ نقلي ٻجن جي ڪري فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي هنن چيو ته آبادگارن کي في ايڪڙ جي حساب سان قرض معاف ڪري سبسڊي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.