ڀان سيد آباد ۾ واپڊا هائيڊرو يونين جي اڳواڻن کي آجياڻو، گلن جا هار پارايا ويا

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن تي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي نئين چونڊيل زونل باڊي جي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ، زونل چيئرمين عبدالحميد جمالي، زونل سيڪريٽري الطاف حسين پلهه ريجنل جوائنٽ سيڪريٽري محمد وريل ميراڻي ڊويزنل چيئرمين (جي ايس او )  زاهد حسين لنڊ شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي گرڊ اسٽيشن ڀان جي انچارج مير حسن لاکو  سب ڊويزن چيئرمين لقمان خشڪ وائس چيئرمين عبدالمجيد ميمڻ سيڪريٽري امياز حسين دائودپوٽو جوائنٽ سيڪريٽري نواز کوکر چونڊجي آيل ميمبرن کي  گلن جا هار پارائي  آجيان ڪئي.

ٽنڊي محمد خان اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد جي پروقار تقريب، نعتن جا مقابلا

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري فوجي شوگر ملز اسڪول ۾ جشن ميلاد جي پروقار تقريب ، اسڪولي شاگردن کي نعتن ۾ مقابلي تي شيلڊز ڏنا ويا ، ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري فوجي شوگر ملز اسڪول طرفان جشن ميلاد حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه واله وسلم جي عظمت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن نعت خواني جي مقابلي ۾ حصو وٺي نعتون پيش ڪري پهريون ، ٻيو ۽ ٽيون نمبر حاصل ڪيو ، انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حاجي محمد اشرف ميمڻ ، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيد اڪبر شاھ ، ڊسٽرڪٽ آفيسر اي ڊي سهتو ، غلام محمد ڇلگري ، راجا نثار ميمڻ ، اسڪول پرنسپال ظهور احمد ملاح ۽ ٻين بهترين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي شاگردن ۾ شيلڊز تقسيم ڪيا . جڏهن ته علائقي ۾ ڪرونا وائرس جي وبا ڦهلجڻ جي سبب جشن ميلاد جي نعت خواني تقريب ۾ سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو ويو .

چيلهار ۽ ڀرپاسي هندو ڀائرن سان ديوالي ايس او پيز تحت ملهائڻ جو اعلان

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار ۽ ڀرپاسي وڏي انگ ۾ موجود ھنڌو ڀائر ديوالي جو وڏو تھوار ايس او پيز تي عمل ڪري خوشي سان ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ان حوالي ذڪر ڪنداسين تي ديوالي جو وڏو تھوار خوشي ۾ ملھائڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جئيان چيلھار ۾ بي ديوالي خوشي سان ملھائڻ شروع ڪري ڏني آھي جڏھن تي ديوالي ملھائڻ لاء ھنڌو ڀائرن اڳواٽ پنھنجي گھرن جي صفائي مرمت رنگ رونگان ڪرائي سيگاري ڇڏيا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.