ٻنون ۾ڏتل خان  مگسي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، مگسي برادري جو ڌرڻو

ٻنون (رپورٽ: نواز سومرو) ٻنون لڳ موالي موري جي آرامشين تي 4 نومبر خميس ڏينھن تي ھٿياربندن طرفان 6 سال اڳ زمين جي پراڻي تڪرار تان ٽن ڄڻن جي ٿيل قتل جي پلاند طور بيدردي سان قتل ٿيل رٽائرڊ تپيدار ڏتل خان مگسي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي پٽ احسان مگسي، عبدالناصر مگسي، اڪبر خان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مگسي برادري جي سوين ماڻھن سزوڪين ڪارون ۽ چنگچي رڪشائن ۾ سوار ٿي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٻنون پوليس ٿاڻي آڏو زروردار نعرا ھنيا ۽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو۔ بعد ۾ مظاھرين ٻيو وڏو ڌرڻو ٻنون بند اسٽاپ تي ھنيو۔ جتي مقتول جي پٽ احسان مگسي، عبدالناصر مگسي ۽ ٻين ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او تي جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ جو الزام ھڻندي چيو ته ٻنون پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل ٻن مک بااثر جوابدارن امير بخش مگسي ۽ حاجي محمد بخش مگسي کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي۔ جڏھن ته گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن کي پوليس تحويل ۾ شاھي مھمان طور رکيو ويو آھي۔ ھنن الزام ھڻندي چيو ته مک جوابدار اڃان تائين ڳوٺ ۾ ويھي مارڻ ڌمڪيون ڏين پيا۔ جڏھن ته ٻنون پوليس انھن جي سياسي ونگار وھندي وھي رھي آھي۔ ھنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته جوابدارن اسان جي تڏي تي عذرخواھي لاء آيل ماڻھن مٿان فائرنگ پڻ ڪئي آھي۔  پر پوليس انھن جوابدارن خلاف ڪوبہ قدم کڻڻ لاء تيار ناھي۔جنھن ڪري ھن علائقي ۾ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي۔ ٻئي پاسي ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او ملڪ عبدالجبار رابطو ڪرڻ تي فريادي ڌر پاران مٿس جوابدار ڌر جي پشت پناھي ڪرڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو ته فريادي ڌر پوليس جانچ بابت غلط بياني ڪري رھي آھي۔ ٻنون پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل مک جوابدار اميربخش مگسي سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل ڪيس جي اعلي سطع جانچ ڪري رھي آھي۔ جلد ڪيس ۾ ڄاڻايل چوٿين جوابدار حاجي محمد بخش مگسي به گرفتار ڪيو ويندو۔ مقتول ڏتل خان مگسي جي وارثن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ،  ھائي ڪورٽ، ائي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس پي سجاول ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو تہ ونگار وھندڙ ايس ايڇ او ٻنون خلاف سخت ڪارروائي ڪري بااثر  جوابدار گرفتار ڪري کين انصاف مھيا ڪيو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.