واهي پانڌي ۾ بدامني، اسڪول مان سامان چوري، احتجاج

واهي پانڌي ( ن ع آ ) واهي پانڌي ۾ چورين تي ضابطو نه آيو هڪ رات ۾ وڌيڪ ٻه چوري جون وارداتون، نامعلوم چورن ڳوٺ علي حسن جمالي مان مصطفي ملوکاڻي جي سي ڊي موٽر سائيڪل چوري جڏهن ٻئي عطر برهماڻي پرائمري اسڪول جا تالا ٽوڙي پيل اسڪول ۾ پيل سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا واهي پانڌي ۾ بدامني خلاف واهي پانڌي اسپتال کان گورک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن علي شير برهماڻي، جمن خاصخيلي،ڪامريد عباس ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واهي پانڌي ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي چوريون روز معمول بڻيل آهن هڪ هفتي ۾ پنج کان وڌيڪ چوري جون وارداتون ٿي ويون، هنن آءِ جي سنڌ مقامي سپاهي ۽ ايس ايڇ او هٽائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.