سڪرنڊ ۾ جبري بدلين خلاف ٽي اي او آفيس آڏو مظاهرو

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ۾ جبري بدلين خلاف استادن جو ٽي اي او آفيس اڳيان استاد منور عمراڻي ، استاد احسان جمالي، استاد ذوالفقار جتوئي ، استاد يعقوب چانڊيو ، استاد عبدالصمد گبول ، استاد دلشاد ڪيريو ، استاد نظر محمد انڙ ۽ استاد جاويد آرائين جي اڳواڻيءَ  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو ويو . ان موقعي تي استادن جو چوڻ ھو ته استاد رفيق احمد مگسي ، استاد منور عمراڻي ، استاد خاوند بخش زرداريءَ جون جبري ۽ انتقامي طور بدليون ڪيون ويون آهن ، ان کان اڳ به استاد نجف شاهه ، استاد جاويد آرائين ، جيو ڄام انڙ ، شوڪت انڙ ۽ ٻين 22 استادن جون جبري بدليون ڪيون ويون آهن ، جنهن ڪري ڪيترائي اسڪول بند ٿي ويا آهن .سڪرنڊ تعليم ۽ استاد دشمنيءَ  جو ڪردار ادا ڪندي بدليون ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.