حيدرآباد ۾ ڏتل خان مگسي جي قاتلن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڏتل خان مگسي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊاڪٽر احسان منگي، علي اڪبر مگسي، لياقت جويو، شعبان علي مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 10 ڏينهن اڳ سجاول جي ٻنون ٿاڻي جي حد ۾ ڏتل خان مگسي کي قتل ڪيو ويو، جنهن جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته قتل ڪيس ۾ ٻه جوابدار گرفتار آهن، پر 10 ڏينهن گذرڻ باجود ٻه مک جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا. هنن آءِ جي سنڌ سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.