دريا خان مري ويجهو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت

دريا خان مري (ن ع آ )دريا خان مري ڀرسان  مهراڻ نيشنل هائي وي منگيا موري وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي  ٽڪر لڳڻ جي نتيجي  ۾ موٽرسائيڪل سوار شھذادپور واسي انور علي ڪلهوڙو  چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت  ٿي ويو جڏهن ته هڪ عورت ۽ معصوم ٻار معجزانه طور تي محفوظ رهيا .واقعي جو وارثن کي اطلاع  ڏنو ويو. فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور حادثي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو. ڪوٽ لالو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.