گهوٽڪي پوليس قيد 3 ٻارڙا آزاد ڪرائي ورتا

گهوٽڪي ( ڊ ر  ) گهوٽڪي پوليس  وياج جا پيسا نه ملڻ تان نينگري کي اغوا بعد ساڻس نڪاح ڪندڙ جوابدار جَي گهر ۾ قيد وڌيڪ 3  معصوم ٻارڙن کي هٿ ڪري ورتو. خبر موجب گهوٽڪي پوليس جوابدار جِي نشاندهي تي نينگري ثمينه جَي ٻن معصوم ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کي بازياب ڪرائي ورتو، هٿ آيل ٻارڙن ۾  5 سالن جو امداد، 4 سالن جو امتياز ۽ اڍائي سالن جِي سڪينا لغاري شامل آهن جن کي سندن مامَي حوالي ڪيو ويو آهي ، واضح رهي ته گهوٽڪي پوليس نينگري ثمينه کي اڳ ئِي بازياب ڪرائي جوابدار عطاءُ الله ڪولاچي کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.