پوليس طرفان کدڙن فقيرن تي تشدد ۽ ڦرلٽ واري معاملي جي جاچ شروع

ميھڙ (ت ر)ميهڙ رامپور محلا ۾ ياسر عرف بڊو جانوري ولد قمر جانوري کدڙن فقيرن جي بيٺڪ تي پھچي خواجه سرا خوشبو تي تشدد ڪري  پرس مان 10ھزار روڪ رقم، واليون  ۽ زبردستي ٽچ موبائيل کڻڻ واري واقعي کانپوءِ ڪالهه واري عوامي آواز ۾ لڳل خبر کانپوءِ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا نوٽيس وٺي جاچ آفيسر انسپيڪٽر بينظير جمالي کي مقرر ڪيو، جڏهن ته جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر بينظير جمالي ميهڙ ٿاڻي تي پهچي قمر جانوري ۽ خواجه سرا فقير خوشبو کي ٿاڻي تي گھرائي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ۽ ٻنهي ڌرين جو لکت ۾ راضي نامون ورتو ويو ۽ فقير خواجه سرا خوشبو سان انصاف ڪيو ويو. ان موقعي تي  صحافين سان انسپيڪٽر بينظير جمالي ڳالھائيندي چيو ته مان ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا صاحب جي هدايت تي ميهڙ ٿاڻي تي پهچي فقير خواجه سرا خوشبو جي واقعي بابت جاچ ڪري ۽ سندس کي انصاف ڏياريو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.