فرياد آباد ۾ حادثي ۾ زخمي ٿيل معصوم نينگري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت

فريدآباد(ن ع آ) فريدآباد ويجهو ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ 3 ڏينهن اڳ گهٽي ۾ راند کيڏندڙ 7 ورھين معصوم نياڻي صدف ڌي  صدام حسين تيوڻو مٿان گڏھ گاڏو چڙھي ويو جنهن ۾  سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي  وارث کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال  کڻائي ويا جتي نينگري علاج دوران گذريل رات دير سان زخمن جا سور نـ سھندي لاڙڪاڻو اسپتال ۾ فوت ٿي وئي لاش گھر پھڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو اباڻي قبرستان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ترقي لاءِ آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ ضروري آهن:ڊي سي ميرپورخاص

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر سلامت ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن به اداري  کي ترقي لاءِ ان جي آمدني جا ذريعا  پيدا ڪرڻ  تمام ضروري آهن اداري کي بهتر طريقي سان هلائڻ لاءِ ماهوار  ۽ سالانه آمدني جا ذريعا پيدا ڪيا وڃن اهڙن خيالن جو اظهار هن هلال احمر  جي ضلعي آفيس جو دورو ۽ عهديدارن ۽ ميمبرن سان  تعارفي گڏجاڻي ڪندي ڪيو انهي موقعي تي  هلال احمر جي ضلعي سيڪريٽري اظهر عباس اداري جي ڪارڪردگي متعلق بريفنگ پڻ ڏني انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيوته هلال احمر جون ضلعي جي ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن گڏيل ڪوششن سان شيون بهتري طرف وڃي سگهن ٿيون  خدمتن کي  وڌيڪ اثرائو بنائڻ لاءِ  ضلعي انتظاميه پاران مڪمل سهڪار ڪيو ويندو

ڌاٻيجي ۾ سومرا برادي جو معزز محمد حسن سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

ڌاٻيجي( ن ع آ ) سومرا برادي جي معزز شهري اڳوڻو ڪائونسلر محمد حسن سومرو دل جو  دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ۾ فقير نبي بخش بلوچ ،معشوق لغاري ،رستم ڪاتيار ،احمد علي جوکيو ،حسن سومرو مقصود جوکيو عبدالمالڪ بلوچ ،سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي اباڻي مقام درس وريو گجو ۾ دفنايو ويو

دڙو ۾ مڃتا ايوارڊ تقريب اڄ ٿيندي، سنڌ يونيورسٽي جو وي سي  ۽ ٻيا شرڪت ڪندا

دڙو( ن ع آ ) دڙي ۾ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل پاران علمي ،ادبي ،تعليمي ،سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا طور ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب اڄ ٿيندي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا طور ايوارڊ ڏنا ويندا جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر محمد اسلم عقيلي، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جو چيئرمين محمد علي مانجھي، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز، ليکڪ عبدالحئي پليجو ۽ ٻيا مهمانن طور شرڪت ڪندا ۽ ايوارڊ ورهائيندا جڏهن تہ محفل موسيقي ۾ ناليواري گلوڪاره خوشبو لغاري ۽ ٻيا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا

ڊگھڙي ۾ مجلس عزا جو پروگرام منعقد، عالمن جو بيان

ڊگھڙي(ن ع آ )ڊگھڙي ۾ مجلس عزاء جو پروگرام مير جي ڪوٽ قديمي امام بارگاهه ۾  منعقد ڪيو ويو جنهن۾شھادت محسن اسلام حضرت جناب ابوطالب عليه السلام جي موقعي تي ڊاڪٽر امير بخش خاصخيلي جي والده محرحومہ جي ايصال ثواب لاءِ مجلس عزاء ڪرائي وئي جنهن۾مجلس عزاء کي خطاب ذاڪر اھلبيت شيرين زبان مظھر عباس الحسيني آف حيدرآباد ڪيو جنهن۾  علامه زوار منير سامرائي خطاب ڪندي چيوته محسن اسلام حضرت ابوطالب عليه السلام نبي ڪريم صه جي حفاظت ۽ حمايت جو کلم کلا اعلان ڪيو. حضور صلي الله عليه وسلم جي بيبي خديجته الڪبريٰ عليه السلام سان نڪاح جي ڳالهه ٻولهه ڪيائين نڪاح جو خطبو به حضور صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي محسن اسلام حضرت ابو طالب عليه السلام پڙهيو.مڪي جي ڪافرن حضور صلي الله عليه وسلم کي جڏهن تنگ ڪيو ته پنهنجي خاندان جي عزت ۽ پنهنجي پياري ڀائٽيي حضور صلي الله عليه وسلم جي حفاظت ۽ حمايت ۾ ڪمر بسته رهيو، ايستائين جو ڪافرن جي سختين کان تنگ اچي کين ٽن سالن تائين هڪ جبل جي لڪ ۾ رهڻو پيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.