لاڙڪاڻي لڳ درگاهه مان پيرسن جو لاش هٿ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مشهور درگاهه قائم شاهه بخاري وٽ پيرسن جو لاش ڏسي علائقي واسين حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي  پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته پوليس طرفان پيرسن جي وارثن جي ڳولا ڪئي وئي جنهن تي وارثن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو ان تي پوليس فوتي پيرسن جو لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان پيرسن جي لاش کي لاوارثي حالت ۾ شهر جي دودائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.