ڪڪڙ مان کنڀي گم ڪيل دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ مظاهرو

ڪڪڙ ( ن ع آ ) ڪڪڙ مان  5 مھينا اڳ کنڀي گم ڪيل پورھيت دودو چانڊيو اڃا تائين آزاد نه ٿي سگھيو ، وارثن 24 هين ڏينهن به  ڄام خان چانڊيو، احسن علي، حسنين علي، دلبر علي ھنڱورو، گلزار علي ظفر علي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميڍيا آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي گم ڪيل  نوجوان جي ڀاءُ ڄام خان   چانڊيو چيو آھي ته دودو  چانڊيو جي آزادي لاءِ اسين 24 ڏينھن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل ڀاءُ جي آزادي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  پٽيشن داخل ڪئي آھي پر ڪڪڙ پوليس  ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي،  نوجوان جو ڪيس دا خل ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آھي پر نوجوان جي آزادي لاءِ ڪي جوڳا قدم نه کنيا آھن، ڀاءُ جو ڪنھن به قومپرست پارٽي سان تعلق نه آھي، دودو ٽيڪسي ڊرائيور آھي جيڪو گھر ڀاتي جو گذر سفر ڪندي پيٽ پاليندڙ آھي مسلسل گم ھئڻ ڪري پيرسن امڙ ۽ والد سميت ٻيا گھر ڀاتي بيمار ۽ پريشاني ۾ مبتلاآھن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.