گولاڙچي لڳ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ پيرسن عورت ۽ ٻارڙو فوت

گولاڙچي  ( ن ع آ ) گولاڙچي شهر ڀرسان احمد راڄو روڊ تي ڏيڍ چڪ وٽ روڊ  ڪراس ڪندڙ 55 سالن جي ملوڪان ۽ 5 سالن جو سندس   ڏوهوٽو هريچند ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موقعي تي فوت ٿي ويا پوليس پهچي لاشن کي تعلقه اسپتال آندو ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واضح رهي ته فوتي ٽنڊو باڳو تعلقي سان تعلق رکندڙ ھئا جيڪي هتي سارين جي لاباري جي لاءِ آيل هئا لاشن کي سندن وارث ڳوٺ کڻائي ويا پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾َوٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.