پکي واسي نوجوان سعودي ۾ بيماري سبب فوت

پکو( ن ع آ )  پکو واسي نوجوان سعودي عرب ۾ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو , وارثن ۾ سوڳ ڇانيل آھي ان ڏس ۾ ڳوٺ يار محمد مغيري واسي 26 ورھين جو لياقت پُٽ علي مراد مغيري سعودي عرب جي شھر جده ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي فوت ٿي ويو اھڙو اطلاع فوتي نوجوان جي دوستن فون تي وارثن کي ڏنو ته وارثن ۾ قھرام مچي ويو ۽ سوڳ ۾ ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو ويو , ھوڏانھن فوتي نوجوان جي مڙھ کي ضروري ڪاروائي لاءّ سعودي انتظاميه پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي ان حوالي سان فوتي نوجوان جي ڀاءُ علي شير مغيري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ ھڪ سال اڳ مزدوري سانگي سعودي عرب ويل ھو جنھن جو رات اطلاع مليو ته ھُو فوت ٿي ويو آھي جنھن جو مڙھ سعودي عرب اختيارين وٽ آھي اسان حڪومت پاڪستان ۽ وزير صفارات کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي فوتي نوجوان ڀاءُ جو مڙھ ڏيھ آڻڻ لاءّ اسان جي مدد ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.