ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ ) ڪوٽ غلام محمد لڳ مير خالد جي لانڊي ڀرسان ناصر مور ۾ رهندڙ 19 ورهين جو پورهيت هريش پٽ پارو  ميگهواڙ گهر ۾ پاڻي واري موٽر مان ڇٽڪار ڪندي اوچتو موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ،فوتي جو وارث نوجوان کي ميرپورخاص سول اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽر پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ،جنهن بعد وارث فوتي جو مڙه کڻائي ڪوٽ غلام محمد پهتا ،نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ ڏياري جي تهوار جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن،فوتي جي وارثن ٻڌايو ته هريش ميگهواڙ پاڻي واري موٽر مان پائپ لڳائي ڇڙڪائو ڪري رهيو هو ته اوڇتو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.