شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، شهري کان موٽرسائيڪل ، روڪ رقم ۽ سامان ڦر

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ) شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي جي حدن اندر بدامني جي باه گذريل رات ٻن نامعلوم هٿياربندن مير فارم جي رهواسي موٽر سائيڪل سوار  هيرو ڪولهي پٽ  لونگيو ڪولهي هٿيارن جي زور تي روڪي کيس  سخت تشدد ڪرڻ بعد ارڙنهن هزار روپيه ڪيش ۽ هڪ عدد موبائيل سيٽ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا  جڏهن ته متاثر هيرو ڪولهي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي اين سي ڪٽرائڻ ٿاڻي  تي پهتو ته سيخ ڀرڪيو پوليس اين سي داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

سيري ۾ آئل جي سيلزمين کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر

سيري  ( ن ع آ )سيري ٿاڻي جي حد ڪيٽل ڪالوني وٽ آئل جي سيلز مين کان موٽرسائيڪل  سوار نامعلوم ھٿياربند حيدرآباد لطيف آباد 12 نمبر جي رھائشي  عمران ولد محمد يوسف راجپوت کان 17000 ھزار روڪ رقم ۽ ھڪ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.  عمران راجپوت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سوزوڪي ۾ آئل کڻي وڃي رھيو ھئس ته ٻن  موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ٺٽي ڀرسان موٽر سائيڪل حادثي ۾ عورت ۽ شاگرد زخمي

ٺٽو(بيورو چيف)سول اسپتال مڪلي ويجهو روڊ ڪراس ڪندڙ ستولي زال اسحاق گهراڻو کي موٽر سائيڪل سوار نيوي گيٽر اسڪول جي شاگرد موسي پکيئڙو پاران زوردار ٽڪر ھڻڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت موٽر سائيڪل سوار شاگرد پڻ سخت زخمي ٿي پيو، ٻنھي زخمين کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، جتي سندن علاج جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.