دادلغاري لڳ موٽرسائيڪل سان حادثو، نوجوان فوت

دادلغاري(رپورٽ امجد لغاري)دادلغاري ويجهو ڳوٺ قطب الدين پتافي جي رهواسين سان محمدپور ۾ حادثو,14سالن جو نينگر موقعي تي  فوت,7 سالا نينگري ۽ سندس ماءُ سخت زخمي,زخمي نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو,فوتي نينگر جو مڙھ ڳوٺ آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو,خبرموجب دادلغاري ويجهو ڳوٺ قطب الدين پتافي جا رهواسي پيرڳوٺ ڳوٺ واپس آيندي پنوعاقل لڳ محمد پور ۾ موٽرسائيڪل رڪشا کان بچائنيدي ٽينڪر سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 14 سالا نينگر سراج احمد پٽ شيرل پتافي موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ 7 سالن جي ڀيڻ نينگر صنم سندس ماءُ شرمان پتافي سخت زخمي ٿي پئي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو جتي نينگر صنم پتافي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن نينگر سراج جو مڙھ ڳوٺ آندو ويو,نينگر جو مڙھ گهرپهچڻ تي ند ڪهرام مچي ويو,ٻي طرف نينگر جي وارثن ٻڌايو ته سراج سندس گهر جا ڀاتي موٽرسائيڪل تي پيرڳوٺ ويل هئا جتان واپس اچيڀرهيا هئا ته سندس پنوعاقل لڳ محمدپور ۾ رڪشا کي بچائنيدي نينگر سراج احمد ٽينڪر سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 14 سالن جو نينگر سراج احمد موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ نينگر صنم سندس ماءُ شرمان سخت زخمي ٿي پيا جنن کي سکر اسپتال نيو ويو جتي مائي شرمان جي حالت بهتر آھي ۽ سندس نينگر صنم جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آھي جيڪا بيهوش آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.