وفاق جمهوريت جا اصول لتاڙي رهيو آهي:رياض علي چانڊيو

ڪراچي )پ ر(جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو ڪراچي جي عمر ماروي ڳوٺ، قائدآباد، نيو ڪراچي ۽ خميسا ڳوٺ ۾ ڪارنر  گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران سرڪار سڀ قانون جهموريت جا بنيادي اصول لتاڙي چنگيز خان نادر شاھه واري بربريت جو مظاهرو ڪري رهي آھي 15نومبر آچر ڏينهن سنڌ واسي پنهنجا ڪاروبا ۽ ذاتي ڪم ڇڏي ڪراچي گورنر هائوس آڏو گهراءُ ڪري پُرامن احتجاج ڪريون ته ترقي سنڌ جي ماڻھن لاءِ هجڻ گهرجي، ساحل جي ٻيٽن تي ولار آھي، ڪراچي ۾ مسلسل ترقي جي نالي ۾ ڌرتي ڌڻين کي پسمنده رکي انهن جي پوري طاقت سان معاشيءُ سياسي ارتڪا روڪي وئي آھي.  گڏجاڻين کي اين ڊي پي صدر ممتاز بروهي محاذ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري  غفارميرجت، شوڪت سومرو، حبيب ڇٽو ۽ مجيب سيال خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.