گڏاپ جي ڳوٺن تي ڪاهه، گهر پٽ، ڳوٺاڻن جي مزاحمت، ڌرڻو

گڏاپ (ن ع آ)بحريه ٽائون لڳ قديمي ڳوٺ گولا گبول تي ڊي سي ملير جي چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن ايس يو پي اولھ جي صدر علي نواز گبول، محمد حسن گبول، علي محمد گبول، شيراز گبول، يعقوب گبول،۽ سخت  احتجاج ڪيو  ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملير جي گبول برادري جي ڳوٺن سان ٻن طرفن کان انتقامي ڪاروايون ڪيون وڃن ، ھڪ ته ڊي سي ملير رشوت خوري جو بازار گرم ڪري قديمي ڳوٺن کي غير قانوني ڄاڻائي مسمار ڪري ٿو ۽  جيڪو ماڻهو کيس رشوت ڏي ته ان لاءِ سڀ ڪجهھ قانوني ٿيو وڃي، ٻيو عذاب گبول برادري سان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ساجد جوکيو جو آھي جيڪو انتقامي ڪاروائي ڪرائي ٿو ڇاڪاڻ  ته گبول برادري گذريل اليڪشن ۾ پنھنجي سردار قادربخش گبول کي ووٽ ڪيو جيڪو پي ٽي آءِ ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙھيو هو ، اسان ڊي سي ملير کي ٻڌايون ٿا ته هو ملير ذميوار آفيسر آھي تنھنجو ڪم سياسي وانگار وھڻ ڪونھي جو تون قديمي ڳوٺن کي ڊاھي بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي لاءِ وڌيڪ زمين جي گنجائش پيدا ڪرين ٿو  اسان وس وارن عملدارن چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ سنڌ، وزيراعظم پاڪستان ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان اپيل ڪيون ٿا ته ڊي سي ملير کي بدلي ڪري قديمي ڳوٺن کي بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين ان ۾ جيڪو به نقصان ٿيو ان جو زميدار ڊي سي ملير ۽ حلقي جا چونڊيل نمائندا ھوندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.