پنهور سنهڙي ۾ ڀاءُ ماريندڙ جوابدار سوگهو

پنهور سنهڙي (ن ع آ ) مانجهي پور جي شيخ محلا ۾ ڀاء کي قتل ڪندڙ جوابدار کي پنهور سنهڙي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پنهور  سنهڙي ٿاڻي تي نئين مقرر ٿيل ايس ايچ او محمد اعظم کوسو چارج وٺڻ شرط ڪارروائي ڪري ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدار فائق شيخ کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ڪجه ڏينهن اڳ جوابدار فائق شيخ گهرو اڻبڻت تان ڏنڊا هڻي ننڊ ستل پنهنجي ڀاء الطاف شيخ کي قتل ڪيو هو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.