پيار ۽ پنهنجائپ جو ڏڻ ڏياري

ايڊيٽوريل

نيا جي ھر معاشري ۽ مذھب جا پنھنجا پنھنجا مذھبي، قومي ۽ ثقافتي ڏڻ ھوندا آھن ۽ سڀني جو پيغام پنهنجائپ ۽ انسان دوستي ئي ھوندو آھي، پوءِ اهو کڻي عيد، هولي، ڪرسمس يا ايسٽر ڇو نه هجي. سموري دنيا ۾اڄ ڏياري جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي ڏڻ سنڌو سڀيتا جو قديمي ڏڻ آهي، جنهن کي عام طور تي روشنين جو تهوار به چيو ويندو آهي. اهو تهوار سياري جي آمد جو سنهيو ساڻ ڪري ڪتيءَ جي مهيني شروع ٿيڻ کان ملهايو ويندو آهي، اهو ڏڻ ڏکڻ ايشيا ۾سناتن ڌرم، ٻُڌازم، جين مت ۽ سک مت وارا مذھبي ۽ ثقافتي ڏڻ طور ملھائيندا آھن.

چيو وڃي ٿو ته جڏهن رام چندر 14 سال بنواس ڀوڳي ساٿين سان گڏجي ايوڌيا نگري پهتو هو ته ايوڌيا نگري خوشين سان گونجي اُٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ڏياري جو ڏڻ وجود ۾آيو. خاص ڪري هندو برادري پاران هِن ڏڻ تي خوشحالي جا ڏيئا ٻاري مندرن ۾پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پرارٿنائون ڪيون وينديون آهن. ٻئي پاسي اها ڳالهه پڻ مشهور آهي ته اهو تهوار بُنيادي طور زراعت واري دور سان واسطو رکي ٿو، جڏھن عورت اڄ کان ھزارين سال اڳ زراعت جو بنياد وڌو ھو، جيڪو سرشتو وڌندي جڏھن پنھنجي عروج تي پُھتو، تڏھن زراعت ۾مرد ۽ عورت گڏيل طور حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ جڏھن فصل جهجھو لھندو ھو ته اُن خوشيءَ ۾ڏيئا ٻاري خوشيءَ جو اظھار ڪيو ويندو ھو.

بنيادي طور تي ڏياري اونداهين کي ختم ڪرڻ جو ڏڻ آهي، هتي اونداهي مان مُراد جھالت يا گھٽ علمي به آهي، اونداهي ختم ڪرڻ جو مقصد آهي ته اسان سماج اندر روشني پيدا ڪيون. جديد دور ۾اسان جو سماج ھر طرف ۽ هر لحاظ کان اونداھين ۾جڪڙيل آهي. حق ۽ علم جي روشنيءَ جي هن ثقافتي ڏڻ ڏياريءَ جون خوشيون اُن اُميد سان ملھائڻ گهرجن ته سموري دُنيا ۾حق، سچ ۽ علم جي روشنيءَ کي پکيڙيندڙ سدائين جدوجهد ۽ ميدان عمل ۾رهن. جيتوڻيڪ اسان سان ٿيندڙ ظلمن جي ته تاريخ ڀري پئي آهي، تڏهن اسان چاهيندا آهيون ته اسان جي وچ ۾مذهب، ذات،  رنگ ۽ نسل جو فرق نه هجي. اسان سدائين محبت، اَمن، پيار ۽ پنهنجائپ جا متلاشي رهيا آهيون، اهو ئي سبب آهي جو اسان هڪٻئي جي عقيدن ۽ ڌرمن جا امين رهيا آهيون. هر تهوار تي خوشيون گڏجي ملهائيندا آهيون. هونئن به خوشين جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو، پوءِ اها ڪهڙي به ڏڻ سان سلهاڙيل خوشي هجي. گڏجي خوشيون ملهائڻ ۽ هم آهنگي جي حوالي سان ٿرپارڪر خطو مشهور آهي، هُتي اڄ به هندو توڙي مسلمان عيدون ۽ ٻيا ڏڻ گڏجي ملهائيندا آهن، جنهن سان نه رڳو مذهبي هم آهنگي کي هٿي ملي ٿي پر پنهنجائپ جو احساس پڻ جاڳي ٿو.

تهوارن جي اصل خوشي ان ۾آهي ته اسان هڪٻئي جي خوشيءَ ۾شريڪ ٿيون، اسان تي اهو پڻ لازم ٿئي ٿو ته ڏياري جي خوشيءَ جي موقعي تي اسان  انھن ماڻهن کي به ياد ڪيون جيڪي مسڪين آھن، جيڪي حقيقت ۾به خوشين جا مستحق آهن، جن جي گهرن ۾ڏيئا ته ٺهيو چُلهه به اُجهاميل هوندي آهي. سچ اِهو آهي ته اڄ جي نفسا نفسي واري دور ۾ پيٽ پالنا جي ڊوڙ ڊُڪ ۾ڀڄندڙ سماج ۾هر ٻيو ماڻهو ڄڻ ته پنهنجو پاڻ ۽ زندگيءَ کان فرار محسوس ڪري رهيو هوندو آهي، ان لاءِ اسان کي گھرجي ته اُنھن جي گھرن ۾روشني آڻي انھن جي ڏکي زندگيءَ آسان بڻايون. مُقدس ڏڻ ڏياري جي اهميت کي ڏٺو وڃي ته اُهو تمام اهم آهي، جنهن مان اهو سبق ملي ٿو ته پيار ۽ پنهنجائپ سان روشن ڪيل ڏيئو سماجي اونداهي کي پوئتي ڌڪي روشنيءَ ۾بدلائي سگهي ٿو. اهڙي ريت انسان جيڪڏهن پنهنجو اندر منافقت ۽ نفرت کان آجو ڪري روشن ۽ اڇو اُجرو ڪري ته يقينن معاشري ۾تبديلي اچي سگهي ٿي.

اڄ ڏياري جي ڏڻ تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاص طور نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ غريب ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پڻ هڙان وڙان مدد ڪندو جيئن سماج ۾ حقيقي روشني پکڙجي سگهي. ڪنهن فلاسافر جو قول آهي ته ” هڪ گهر جي عورت پڙهي ته سمجهيو پورو خاندان پڙهيو“ ان قول تي عمل جو اڄ وچڻ ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.