رياست لاءِ شرم جو سبب بڻيل تحريڪ انصاف جا حربا

نصرت جاويد

اڄ جي ڪالم ۾توهان جي خدمت ۾بنيادي طور عرض اهو ڪرڻو آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪجهه اهم ”پاليسي ساز“ لاڳيتو اهڙا حربا استعمال ڪندا پيا اچن جيڪي ضرورت کان وڌيڪ ”چالاڪي“ جي ڪري صرف انهن جي حڪومت کي ئي نه پر رياست جي ڪجھه ”ٿنڀن“ کي به شرمسار ڪري رهيا آهن.

گذريل ٻن ڏينهن جون اخبارون پڙهندي شايد توهان مان اڪثر ماڻهن اهو طئي ڪري ورتو هوندو ته ”عسڪري قيادت“ پارلياماني ميمبرن کي قومي سلامتي جي اهم ۽ حساس ترين مامرن تي بريف ڪرڻ چاهي رهي هئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صاحب ان ڪري گھربل بريفنگ لاءِ هڪ تاريخ طئي ڪري ڇڏي. ان ۾شرڪت لاءِ اپوزيشن پارٽين جي اهم اڳواڻن کي به باقاعده چٺيون لکي دعوت ڏني وئي. ”عين آخري وقت“ تي پي ڊي ايم ۾شامل پارٽين امڪاني بريفنگ ۾شرڪت کان ”انڪار“ ڪري ڇڏيو. اسد قيصر صاحب ان بريفنگ کي ان ڪري ملتوي ئي نه پر ختم ڪرڻ تي مجبور ٿيو. اسان جي تمام ئي آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جنهن انداز ۾ڄاڻايل بريفنگ جي ختم ٿيڻ بابت ”خبر“ ڏني آهي ان مان صرف اهو تاثر ملي ٿو ته پي ڊي ايم ۾شامل پارٽيون ڪاوڙ جي ڪري ”نخرا“ ڏيکاري رهيون آهن. عمران حڪومت کان ان حد تائين ڪاوڙجي ويون آهن ته ”قومي سلامتي“ سان لاڳاپيل اهم ترين مامرن جي باري ۾هڪ ٺپ غير سياسي پر اهم ترين رياستي اداري کان ”بريفنگ“وٺڻ لاءِ به راضي نه ٿي رهيا آهن. تاثر اهو به پکڙيو آهي ته لنڊن ۾ويٺل نواز شريف صاحب پنهنجي نالي سان منسوب پارٽي جي ميمبرن کي ڄاڻايل بريفنگ کان پري رهڻ جو حڪم فرمائي ڇڏيو. ان جي ”ذهني غلامن“ جڏهن آمنا و صدقنا چئي ڇڏيو ته پي ڊي ايم ۾شامل ٻين پارٽين به اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيندڙ بريفنگ ۾وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيڪو تاثر توهان تائين پهتو آهي اهو ٺپ بي بنياد آهي.

نفرت ۽ عقيدت جي بنياد تي پکڙيل هيجان جي شور ۾اسان مان اڪثر کي ياد ناهي رهيو ته عمران حڪومت ”ڪرپشن کان سواءِ“ ٻين مامرن تي اپوزيشن سان صلاح مشوري لاءِ ڪجھه هفتا اڳ سينيئر وزيرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو هو. پرويز خٽڪ کان سواءِ خوش خلق ۽ فواد چوڌري صاحب به ڄاڻايل ڪميٽي جي اهم ميمبرن ۾شامل آهي، پر اپوزيشن پارٽيون ان ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ راضي نه ٿي رهيون آهن. انهن کي ”گهيرڻ“ لاءِ آخرڪار اٽڪل اها وڙهائي وئي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جناب اسد قيصر صاحب جي ”اڻ ڌرئي“ عهدي کي استعمال ۾آندو وڃي. هو ”قومي سلامتي“ سان لاڳاپيل مامرن تي هڪ ”بريفنگ“جو بندوبست ڪري. اپوزيشن ان ۾شرڪت کان انڪار ڪري ته عوام جي نظر ۾خودغرض، انا پرست ۽ ”قومي سلامتي“ کان لاتعلق نظر ايندي. مٿي ڄاڻايل ”معجون“ تيار ڪرڻ وقت اها حقيقت وساري وئي ته اسپيڪر اسد قيصر جي ”غير جانبداري“ جو ڀرم تازو ئي منعقد ٿيل پارليامينٽ جي هڪ گڏيل اجلاس دوران هوا ۾تحليل ٿي چڪو آهي، جتي نهايت اٻهرائپ ۾سينيٽ مان ”رد“ ٿيل قانونن کي هڪ ئي نشست ۾منظور ڪرايو ويو هو.

جولاءِ 2018ع جي چونڊن کانپوءِ گھٽ ۾گھٽ ٻن سالن تائين اپوزيشن جون ٻه وڏيون پارٽيون مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي نيب جي خوف مان جِي حضوري جو رويو اختيار ڪنديون رهيون. ”حيف آهي ان قوم تي“ جو فرياد ڪري موجوده دور جو ”قلندر“ٻڌڻ ۾ايندڙ جناب آصف سعيد کوسا صاحب سپريم ڪورٽ مان رٽائر ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ ڏانهن هڪ ”بم“ اڇلايو هو. عوام جي ووٽن سان سڌي ريت چونڊيل هٿ  ٺوڪي”خودمختيار ۽ سڀني تي بالادست“ قومي اسيمبلي کي هن حڪم ڏنو ته هڪ اهم ترين رياستي اداري جي سربراهه جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ کي ”قاعدي موجب“ بڻائڻ لاءِ قانونسازي ٿئي، ان جي حڪم محلاتي سازشن جي ماريل قوم کي ان فڪر ۾ وجھي ڇڏيو ته پارليامينٽ ۾وڏي اڪثريت مُيسر نه هئڻ جي ڪري عمران حڪومت گھربل قانون منظور نه ڪرائي سگھندي. ”جمهوري نظام“ ان جي ڪري وري ڊگهي موڪل تي هليو ويندو، ان ڪري گھربل قانون منظور ڪرائڻ لاءِ ڪجھه ”ملاقاتون“ ٿيڻ شروع ٿي ويون. انهن جي ڪري نواز شريف ”سزا مليل ڏوهاري“ هوندي به جيل مان پهرين اسپتال ۽ پوءِ لنڊن اماڻيو ويو، ان کانپوءِ گھربل قانون جو متن ڏسڻ کانسواءِ ئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف صاحب ان جي ”غير مشروط حمايت“ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اپوزيشن جي ٻي وڏي سياسي پارٽي پيپلزپارٽي ان اعلان سان دنگ رهجي وئي. بلاول ڀٽو زرداري ان باوجود گھربل قانون ۾ڪجھه ”هوميوپيٿڪ“ ترميمون متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار آصف زرداري سان رابطو ٿيو ۽ گھربل قانون ٻنهي ايوانن مان 12-12 منٽن ۾منظور ٿي ويو.

تاريخ ساز تڪڙ ۾ٿيل ان منظوري اپوزيشن جي ٻنهي وڏين اپوزيشن پارٽين جي حدن کي به وائکو ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل قانون کانپوءِ پاڪستان کي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي نالي تي تقريبن ڏهه نون قانونن جو مسودو تيار ٿيو. اهو مسودو پارليامينٽ ۾تفصيلي بحث جو مستحق هو پر اپوزيشن پارٽين کي ”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ان ڳالهه تي قائل ڪري ڇڏيو ته اهي رات جو دير تائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي سرڪاري گھر ۾ويهي ڄاڻايل قانون تي خاموشي سان ”اتفاق راءِ“ جو رستو ڪڍن.

اسد قيصر صاحب جي سرڪاري گھر ۾اڃا ملاقاتون جاري هيون ته شاهه محمود قريشي صاحب هڪ ڏينهن مست هاٿيءَ جيان پارليامينٽ جي اجلاس ۾داخل ٿيو. پنهنجي سيٽ تي پهچندي ئي مائيڪ سنڀاليو ۽ هڪ دونهيندار تقرير ذريعي عوام کي اها ”خبر“ڏني ته ”وسيع تر قومي مفاد“۾تيار ٿيل قانونن جي منظوري ۾سهڪار عيوض مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي ”بدعنوان“ ۽ مبينا طور ”مني لانڊرنگ“ جي عادي اڳواڻن لاءِ اين آر او گھري رهيون آهن. اهو اطلاع ڏيڻ کانپوءِ هن نهايت وڏائيءَ وچان اهو اعلان به ڪيو ته ڪرپشن جو خاتمو عمران خان صاحب جي سياست جي اهم ايجنڊا آهي. هو ان ڏس ۾ ٿورڙي به رعايت ڏيڻ لاءِ هرگز تيار نه ٿيندو. مخدوم صاحب جي اپوزيشن پارٽين کي ”خود غرض“ ۽ ”وسيع تر قومي مفاد“ کان بي خبر قرار ڏيندڙ تقرير باوجود فروغ نسيم صاحب سڻڀين ڳالهين سان آخرڪار کين رام ڪري ورتو. پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي نالي تي تيار ٿيل قانون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان هڪٻئي پويان منظور ٿيڻ شروع ٿيا ته هڪ اهم قانون جي منظوري کانپوءِ مٿين ايوان جي قائد ايوان ڊاڪٽر وسيم شهزاد بيهي مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي سان واڳيل سينيٽرن کي شريف ۽ زرداري خاندان جو ذهني غلام سڏيو. اپوزيشن جي پوين سيٽن تي بيٺل ڪجھه ذهني غلامن ان کانپوءِ بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت کي آخرڪار ”رد“ ڪيل قانون کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائڻو پيو.

ڄاڻايل قانونن کي جنهن انداز ۾پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايو ويو، اهو حقيقت ۾ پي ڊي ايم جي جوڙجڪ جو سبب بڻيو. ان جي قيام کانپوءِ پاڪستان جي سمورن وڏن شهرن ۾جلسن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، پر عمران حڪومت اڃا تائين سمجھي نه سگھي آهي. هاڻي وسيع تر قومي مفاد جي نالي تي اپوزيشن کي گھيري نٿو سگھجي. نيب جو داٻو به قانون جي وڪڙ ۾اچي چڪو آهي. قومي سلامتي جي معاملن سان سلهاڙيل معاملن تي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ هاڻي قومي اسيمبلي جي قائد ايوان يعني وزيراعظم عمران خان صاحب جي شروعات گھربل آهي، پر هو ”چورن ۽ لٽيرن“ سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي. هو چاهي ٿو ته ان جي ڪلهن تي آيل اها ذميواري ”ڪو ٻيو“ نڀائي، پر ”ڪو ٻيو“ هڪ حد تائين ئي آئوٽ سورسنگ جو بار کڻي سگھي ٿو، ان ڏس ۾اسد قيصر ڪم نه ٿو اچي سگھي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.