تعليم وارو وزير ۽ اُستادن جو درد!

حسن جوڻيجو

سنڌ کي تعليم ۽ صحت جي مامري ۾ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنهن جا ذميوار نه رڳو وڏيرا پر وزير پڻ آهن. اڳ رڳو اهي خبرون اينديون هيون ته اسڪولن کي وڏيرن جي اوطاقن ۾تبديل ڪيو ويو آهي، انهن کي گدامن ۾تبديل ڪيو ويو آهي پر هڪ ڇرڪائيندڙ خبر اها به آئي آهي ته ڳوٺ پهلوان پهوڙجي پرائمري اسڪول کي فحاشيءَ جي اڏي ۾تبديل ڪيو ويو آهي، جتان عورتون ۽ مردن جي گرفتاري عمل ۾آئي آهي.

ساڃاهه وندن ته سخت احتجاج ڪيو آهي پر تعليم جو وزير جيڪو هر وقت ميڊيا جي آڏو اچي انصاف پسندي جون دعوائون ڪندي ٿڪبو ناهي، ان جي مجرماڻي خاموشيءَ تي گهٽ ۾گهٽ مون کي ڪو به افسوس نه ٿيو ڇو ته اسان وٽ هڪڙو مثال ڏاڍو مشهور آهي ته ”ملا“چوندو آهي ته جيئن مان چوان تيئن ڪريو، جيئن مان ڪريان تيئن نه ڪريو، منهنجي هڪ پروفيسر يار کي اها ڳالهه سمجهه ۾نه آئي، هن رڳو مثال جي پهرين سِٽ سمجهي سڌو وڃي تعليم جي وزير وٽ دانهن کڻي پهتو ڇو ته ڪجهه وقت اڳ جڏهن تعليم کاتي ۾ڪرپشن جا چرچا گونجڻ لڳا هئا تڏهن تعليم واري وزير بيان جاري ڪيو هو ته تعليم کاتي جو ڪو به آفيسر جيڪڏهن ڪنهن کان رشوت وٺي ته اهو سڌو مون سان رابطو ڪري پوءِ ڏسو ته آئون اُن سان ڪهڙو حشر ٿو ڪريان.

پروفيسر صاحب جي 17هين گريڊ جي ترقيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو پر ان ۾هڪ عجيب چالڪي ڏيکاري وئي جو ارڙهن سالن کان سُپيرئير سائنس ڪاليج خيرپور ۾ليڪچرار ٿي رهيو هو، هن جي ڊيوٽي وري راڻيپور ڪاليج ۾ ڏيکاري وئي ڇو ته سُپيرئير سائنس ڪاليج خيرپور ۾ٻه ارڙهين گريڊ جون جايون خالي هيون پر رائيپور ڪاليج ۾ارڙهين گريڊ جي ڪا به جاءِ خالي نه هئي پر پروفيسر سُپيرئير سائنس ڪاليج جي پرنسپل کان ليٽر ورتو ته هي واقعي ارڙهن سالن کان هن ڪاليج ۾ ڊيوٽي ڪندو رهيو آهي ۽ راڻيپور ڪاليج واري پرنسپل به تصديق ڪئي ته پروفيسر جي ڊيوٽي هن ڪاليج ۾نه رهي آهي پروفيسر سمجهيو ته هاڻي ٻنهي ڪاليجن جي پرنسيپلز تصديق ڪئي آهي شايد هاڻي تعليم واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن کي دُرست ڪري سُپيرئير سائنس ڪاليج خيرپور ۾ئي رکيو ويندو پر هي جڏهن وزارت تعليم جي سيڪريٽريءِ کي درخواست ڏني ته هُن وري سيڪشن آفيسر ڏانهن کيس موڪليو جنهن چيو ته هن ثبوتن جي ڪا به اهميت نه آهي جيڪڏهن آرڊر وٺڻو آهي ته هڪ لک پنجاهه هزار ٽيبل تي رک پروفيسر پريشان ٿي تعليم واري تعليم ڏانهن دانهن کڻي پهتو ته توهان جي آفيس جو سيڪشن آفيسر پئسن جي گُهر ٿو ڪري اصل وزير صاحب ڪهاڻي ٻڌي پروفيسر تي باهه ٿي ويو ته تون منهنجي ايماندار آفيسر تي الزام ٿو هڻين. پروفيسرکيس چيو ته اوهان جو آفيسر به آفيس ۾ويٺو آهي کڻي گهرائي وٺو. تعليم واري وزير کيس حڪم ڏيندي چيو ته وڃ پئسا ڏئي اچ پوءِ مان توکي پئسا ڏيان. اهڙي قسم جي ڳالهه اڳي به هڪ استاد ڪئي جنهن ٽاپ تي مارڪون کڻي ڪاميابي ماڻي آرڊر پئسا وٺي گهٽ مارڪن واري کي ڏنو ويو پوءِ استاد جڏهن دانهون ڪيون تڏهن ڊي اي او کيس سمجهائيندي چيو ته غلطي ٿي وئي آهي ٻئي ڀيري تي به توکي پروموشن ضرور ملندو.

مون کي افسوس ته عبدالجبار جوڻيجو تي ٿيل حملي جو تعليم واري وزير پاران نوٽيس نه وٺڻ به نه ٿيو ته ڇو ته قبضا خور مافيا کي پڻ تعليم واري وزير جي برادري جي سپورٽ هئي ۽ انهن جي برادري استاد برادريءَ کان وڌيڪ مضبوط آهي ان جو ثبوت ام رباب چانڊيو ڪيس ۾جڏهن پوليس رڳو چانڊيا سردارن جي بنگلن تي ڇاپا هنيا ته سردار ۽ وڏيرا سڀ سراپا احتجاج ٿي ويا پر اُستاد جبار تي ٿيل حملي کانپوءِ صرف شهدادڪوٽ جا اُستاد ۽ سياسي سماجي ڌريون احتجاج ۾شامل ٿيون، باقي سڄي سنڌ خاموش رهي! جس لهي سنڌ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ جنهن اُستاد تي ٿيل حملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو نه ته پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري ها.

قبضا مافيا جي نظر رڳو شهداد ڪوٽ ڪاليج جي ميدان تي ناهي پر سڄي سنڌ ۾تعليمي ادران جي اها صورتحال آهي ۽ وقتن بوقتن ٿيندڙ اهڙن واقعن تي جڏهن تعليم واري وزير يا ڪنهن وڏي آفيسر کان سوال ڪجي ٿو ته ان جو جواب به اڳوڻي تعليم واري وزير جهڙو ئي هوندو آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾باقراڻي تعلقي جو ڳوٺ گڏ ۽ آريجا جي وچ تي ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪيو ويو جتي اڳوڻو تعلقم وارو وزير پير مظهر الحق به تعليم دوستي جو ثبوت ڏيندي ٽينٽ سٽي اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ اچي پهتو.

مون کائنس سوال ڪيو ته اوهان ٻه يا ٽن مهينن لاءِ ٽينٽ ۾اسڪول جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پهتا آهيو، جڏهن ته ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي ۾ٽي سو اسڪول بند پيل آهن انهن لاءِ ڪهڙو حڪم جاري ڪندا؟ ان وقت هو تپي باهه ٿي ويو، جواب بدران مون کي چيائين ته مون وٽ ماستر صحافين جي لسٽ آهي مان انهن کي ڏسي وٺندس، مون کيس کي مُرڪي چيو ته سائين معاف ڪجو مان ماستر ناهيان. بهرحال تعليم جي تباهي ۾ وزير ۽ آفيسر هڪ صف ۾بيٺل آهن. مون کي حسن مجتبيٰ جا لفظ دهرائڻ پون ٿا جيڪي هن مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي فاطمه ڀٽي لاءِ لکيا هئا ته ”محترمه سان ملڻ لاءِ قطار ۾بيٺا هئاسين ۽ هو واري واري سان هڪ هڪ ماڻهو سان ملي رهي هئي“. جڏهن فاطمه جي مون تي نظر پئي ته هن رڙ ڪندي چيو ته حسن تون به قطار ۾ بيٺو آهين تڏهن مون کيس کي چيو ته ميڊم سنڌي ماڻهن لاءِ ڀٽن جو انتظار ڪرڻ مسئلو ناهي، ڀٽن لاءِ ته سنڌي ماڻهو هر وقت سر ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. تنهن ڪري اسان به بلاول صاحب اڳيان عرض رکون ٿا ته سائين سنڌي ماڻهن سدائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن، موٽ ۾پ پ سنڌ واسين کي ڪرپٽ کان ڪرپٽ ترين وزير ڏنا آهن، ڇا سردار شاهه کي وزارت تعليم تان هٽائڻ جو هڪ اهو به ڏوهه هو جو هو پنهنجي وڏيرڪي ۽ سرداري کان بغاوت ڪندي پنهنجي نياڻي کي هٿ کان وٺي اسڪول داخل ڪرائڻ آيو هو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.